جوش مظفر حسين

جوش مظفر حسين

جوش مظفر حسين

جوش، مظفر حسين: مشهور شاعر مظفر حسين ’جوش‘ جو پورو نالو مظفر حسين ولد حاجي محمد حسين هو. خانبهادر حسن علي آفندي، باني سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، سندس ڏاڏو هو. هن 22 ڊسمبر 1919ع تي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو، جتي سندس والد مرحوم، خيرپور رياست جي معتمد خاص ۽منصف جي عهدي تي فائز هو. سندس والد کي رياست جي ڪمن سانگي دهليءَ، بمبئيءَ ۽ ٻين پاسن ڏانهن وڃڻو پوندو هو، جنهنڪري ڪجهه وقت لاهور ۾ وڃي رهيا. مظفر حسين مختلف هنڌن تي مختلف اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. جهڙوڪ: پرائمري اسڪول چنگڙهه محلي، ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، ريجهو مل ماڊرن اي. وي اسڪول، لاهور اسلاميه هاءِ اسڪول ڀاٽي دروازو ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي. سنڌ مدرسي ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. جتي مئٽرڪ ۾ پهرئين سال فيل ٿيو، پوءِ اچي نوودياليه هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ڪلياڻ آڏواڻيءَ جهڙو لائق استاد مليس، بهر صورت انهيءَ سال به مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو.
ٻي مهاڀاري لڙائي (1939ع) شروع ٿي ته رائل انڊين نيويءَ ۾ شامل ٿيو. جتان مارچ 1946ع ۾ موٽي آيو ۽ ايمپلائمينٽ ايڪسچينج ۾ ملازم ٿيو، جتي پوءِ هيڊ ڪلارڪ به ٿيو، پر ڪن سبب ڪري اتان ڇڏي پي. ڊبليو. ڊي ۾ هليو آيو. انهيءَ کان اڳ صوبيداريءَ جي چونڊ ۾ به ويٺو، پر پوءِ خيال لاهي ڇڏيائين.
1958ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو، جتي آخر تائين رهيو. ادب سان سندس خانداني شغف هو. ان ڪري ننڍي هوندي کان طبيعت جو لاڙو شاعريءَ ڏانهن هو. ڪم عمريءَ ۾ ئي مصرع موزون چئي ويندو هو. 1938ع کان باقاعدي شاعري شروع ڪيائين. پهرين سيد غلام علي شاهه مخمور کي شاعري ڏيکاريندو هو. جنهن کان علم عروض به سکندو هو. نيويءَ ۾ وڃڻ ڪري شاعريءَ جو سلسلو ڪٽجي ويس. گيت، نظم، ڪافيون، مسدس، غزل، بيت، نعت، حمد، منتعب وغيره چيون اٿس. مثنوي ’روپ متي باز بهادر‘ به لکڻ شروع ڪئي هئائين.
مظفر حسين بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. سندس تغزل ۾ رس ۽ پختگي آهي. جوش جو غزل پختگي زبان ۽ انداز بيان جي حيثيت سان اردو غزل گو شاعرن جي معياري تجربن سان ڪلهو هڻي ٿو.
ريڊيو پاڪستان جي ماحول ۾ رهي گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما به لکيائين، جن ۾ سندس مشهور ڊرامو ’منزل‘ به شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.12.19  عيسوي

مظفر حسين 22 ڊسمبر 1919ع تي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نعيمه تيجاڻي
چانڊيو سٻڙ خان
سلطان سامٽيو
حاجي محمد ابراهيم دَل
شبانه سنڌي
روشن جي
حڪيم محمد سعيد
سيٺ هرچندراءِ وشنداس
اسماعيل عليه السلام
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون